ڊيوڊورس سائڪيولس

ڊيوڊورس سائڪيولس: يونان جو مشهور تاريخ نويس ڊيوڊورس سائڪيولس، سِسليءَ جي شهر اگائريم ۾ عيسوي سن کان هڪ صديءَ اڳ پيدا ٿيو هو ۽ سن 30-60 ق. م تائين زندهه هو. هن ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن جي تاريخببلو ٿيڪا هسٽاريڪا‘ چاليهن جلدن ۾ لکي. هن مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي سفر ڪيا. سندس تاريخ تي لکيل 40 جلد ضايع ٿي ويا، پر پهريان چار جلد ۽ 19 ۽ 20هون جلد بچي ويا. پوين ٻن جلدن ۾ 302-480 ق. م واري عرصي جو بيان آهي، جنهن ۾ دارا جي مرڻ کان پوءِ اخيمينين جو زوال، سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سندس حڪومت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ، سنڌ ۽ هند ۾ چندرگپت موريا جي حڪومت واري قيام وارو عرصو اچي وڃي ٿو. برصغير سڪندراعظم سان وابــسـته حـصـا، مـئڪـرنـڊل پنهـنجـي ڪـتــاب Invasion by Alexander (1896ع) ۾ ترجمو ڪري، 36 صفحن تي شايع ڪيا، جن مان ڏهه صفحا سنڌ بابت آهن، جن ۾ موسيڪنس سلمبس، پارٽيڪئنوس، هرماٽيليا، پٽالا، لسٻيلي ۾ ماڻهن جي تدفين، هندستاني فلاسافر ڪالانوس بابت ذڪر آهي. ڊيوڊورس، ٽالمي ۽ ارسٽوبولس ۽ ڪلائٽارچس جي تاريخ به شامل آهي، جيڪا ايوين بيان نه ڪئي هئي، پر ڪرٽيس ڪم آندي آهي. ان ڪري ئي ٽنهي تاريخ نويسن: ايوين، ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس جا بيان هڪجهڙا آهن.
ڊيوڊرس پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جو احوال هن طرح لکيو آهي، ”اولهه سنڌ جي بادشاهه سامبس جي شڪست کان پوءِ سڪندر 80 هزار سنڌي قتل ڪرايا. هن پاران هرماٽيليا شهر جو پٽالا شهر کان اڳ ۾ بيان ڪرڻ ڏيکاري ٿو ته هرماٽيليا سيوهڻ ۽ پٽالا جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر هو.
ڊيوڊورس بابت هڪ ڪتاب C. Brand Ford Wells لکيو هو، جيڪو لوئب ڪلاسيڪل لائبرري، لنڊن مان Diodrus of Sicily نالي سان 1963ع ۾ شايع ٿيو، ان ۾ ڊيوڊورس جو سنڌ جي باري ۾ احوال ۽ ان زماني جي سماج جو هڪ عڪس به موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو